تربيلا ڊيم جا اسپل ويز کولڻ جو فيصلو، سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد (اسٽاف رپورٽ) سانوڻي جي تيز برساتن سبب سنڌو درياءَ جي وهڪرن ۾ واڌ ٿيڻ ڪري تربيلا ڊيم جا اسپل ويز کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) موجب اڄ ڏينهن جو 12:30 وڳي تربيلا ڊيم جا اسپل ويز کوليا ويندا، جنهن کان پوءِ درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪرن جو سطح وڌي 2 لک 50 هزار ڪيوسڪ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي خبردار ڪيو آهي ته سنڌو درياءَ جي ڀرپاسي وارن علائقن جا رهواسي احتياط ڪن ۽ آبي گذرگاهن جي ويجهو وڃڻ کان پاسو ڪن. پاڻي جي سطح ۾ ممڪن واڌ سبب ڪنهن به هنگامي صورتحال کان بچڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ آگاهه ڪيو ويو آهي.اين ڊي ايم اي وڌيڪ چيو آهي ته هيٺاهين وارن علائقن جا رهواسي مڪمل طور تي محتاط رهن ۽ مقامي انتظاميه سان تعاون ڪن، جيئن ڪنهن به ممڪن نقصان کان بچي سگهجي.

پنھنجي راءِ لکو