مبارڪپورخانگي ڪاليج ۾ ڏهين ڪلاس جي شاگرد سان بدفعلي واري مامري تي متاثر ڌر ڏانهن علائقي جي معززين ميڙ آندو، جنهن کي متاثر خاندان مان ڏئي راڄوڻي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو.تفصيل موجب، خانگي تعليمي اداري سڀقا انسٽيٽيوٽ ۾ ٽي هفتا اڳ ڏهين ڪلاس جي شاگرد حمزه ڀٽو سان ڪاليج ڪلارڪ ماجد ڀٽو بدفعلي ڪئي هئي، جنهن جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي. ماملو ظاهر ٿيڻ بعد ڪلارڪ ماجد ڀٽو، ساٿي شاگرد عذير ڀٽو سميت ٽن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جن مان ٻه جوابدار گرفتار آهن.بدفعلي واري واقعي کانپوءِ متاثر شاگرد جي وارثن ڏانهن علائقي جي معززين حاجي سردار خان مھر، فقير عبدالفتاح مستوئي، ڊاڪٽر صفي الله ڀٽو، عبدالواحد مھر ۽ جميل احمد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ميڙ آندو ويو. متاثر ڌر ميڙ کي عزت ڏيندي شاگرد جي والد ظهور احمد ڀٽو، سجاد حيدر ڀٽو ۽ محسن ڀٽو سميت ٻين راڄوڻي لاءِ راضپو ڏيکاريو.ذيعن موجب، هاڻي معاملي جو حتمي فيصلو علائقي جي معززين وٽ جلد ڪيو ويندو. معززين جو چوڻ هو ته متاثر خاندان انصاف وٺڻ جو حقدار آهي، پر علائقي جي امن امان ۽ برادري جي مفادن کي نظر ۾ رکندي معاملي کي راڄوڻي وسيلي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
