لاهور درياءِ راوي جي بالائي علائقن ۾ لڳاتار تيز برساتن ۽ ڀارتي ڊيم مان پاڻي ڇڏجڻ سبب ايندڙ 48 ڪلاڪن اندر وڏي ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو آهي. نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (NDMA) عوام کي خبردار ڪندي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته پروونشل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) به درياءِ راوي، ستلج ۽ چناب ۾ هاءِ الرٽ جو اعلان ڪيو آهي.ذريعن موجب ڀارتي ٿين ڊيم (رنجيت ساگر) هاڻي 97 سيڪڙو ڀرجي چڪو آهي، ۽ ان جا اسپل ويز ڪنهن به وقت کولڻ جو امڪان آهي. جيڪڏهن پاڻي ڇڏيو ويو ته درياءِ راوي ۾ وهڪرو وڌي 2 لک ڪيوسڪ تائين پهچي سگهي ٿو. (NDMA) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (NEOC) جي رپورٽ مطابق درياءِ راوي جي ڪيچمينٽ علائقن ۾ لڳاتار برساتن سبب ڊيم ۾ پاڻي وڌي 1717 فُٽ، يعني 86 سيڪڙو گنجائش تائين پهچي ويو آهي. ٻئي پاسي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ ۽ ڀارتي نالن ـ بين، بسنتر ۽ ڊيڪ ـ مان ٻوڏ جي ڪري جسر جي وهڪرن ۾ پاڻي جو وهڪرو 1 لک 15 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ وڌي 1 لک 50 هزار ڪيوسڪ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.
