سنڌ ۾ ٻوڏ جو خطرو، وزيراعليٰ جا ادارن کي هنگامي هدايتون

ڪراچي ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته درياءِ سنڌ ۾ گڊو ۽ سکر وٽ 4 ۽ 5 سيپٽمبر تي وڏي ٻوڏ اچڻ جو امڪان آهي، تنهن ڪري سڀئي لاڳاپيل کاتا فوري طور تي الرٽ رهن ۽ حفاظتي منصوبا مڪمل ڪن. وزيراعليٰ هدايت ڪئي ته ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميا، پي ڊي ايم اي ۽ سمورا کاتا 24 ڪلاڪ ڊيوٽي تي موجود رهن. پشتن ۽ آباديءَ جي تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃن، جڏھن ته متاثرين لاءِ خيما، راشن بيگ، ٻيڙيون، دوائون ۽ مشينري وقت سر مهيا ڪئي وڃي.صحت کاتي کي به حڪم ڏنو ويو آهي ته پاڻيءَ سان پيدا ٿيندڙ بيمارين کان بچاءَ لاءِ ميڊيڪل ٽيمون ۽ حفاظتي مهم فوري طور شروع ڪيون وڃن. سيد مراد علي شاهه چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، تنهن ڪري سڀئي ادارا اين ڊي ايم اي ۽ وفاقي کاتن سان رابطي ۾ رهن. ياد رهي ته اين ڊي ايم اي اڳ ۾ ئي خبردار ڪيو هو ته خيبرپختونخوا ۽ پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ به وڏي پيماني تي ٻوڏ جو خطرو آهي. ٻئي طرف، سنڌ حڪومت وزيرن کي فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي درياهه جي بندن جي نگراني ڪندا. گڊو کان سکر تائين: مڪيش ڪمار چاولا ۽ سردار محمد بخش مهر سکر کان ڪوٽڙي تائين: ڄام خان شورو، ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ ناصر حسين شاهه ڪوٽڙي کان هيٺ: رياض حسين شاهه شيرازي ۽ محمد علي ملڪاڻي ان کان علاوه، صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته هڪ هفتي تائين پنهنجي تڪن ۾ موجود رهن ۽ فوڪل پرسنز سان سڌو سنئون رابطو ۾ رهن.

پنھنجي راءِ لکو