لاهور: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ضمني چونڊ اين اي-129 لاءِ اميدوارن کي انتخابي نشان الاٽ ڪري ڇڏيا آهن۔ تفصيل موجب، پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار ارسلان احمد کي “گيذر” جو نشان ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي اميدوار محمد نعمان کي “شير” جو انتخابي نشان الاٽ ڪيو ويو آهي۔ اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اين اي-129 ۾ پولنگ 18 سيپٽمبر تي منعقد ٿيندي، جيڪا صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهندي۔ واضح رهي ته اڳوڻو ايم اين اي حماد اظهر هن سيٽ تان ضمني چونڊ نه وڙهڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي۔ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ “ايڪس” تي جاري بيان ۾ هن چيو ته سندس والد ميان اظهر جي خالي ٿيل سيٽ تي سندس ڀاڻيجو چونڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي۔حماد اظهر وڌيڪ چيو ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته چونڊ ۾ چوڌري ارسلان مقابلو ڪندو، جڏهن ته سندس ذاتي مصروفيتن سبب هو چونڊ مهم ۾ حصو نه وٺي سگهندو۔ هن وضاحت ڪئي ته چونڊ مهم جي ذميواري سندس ڀيڻ سنڀاليندي۔
