سيوهڻ (نمائندو ADN) – سنڌو درياءَ ۾ مسلسل چاڙهه سبب تعلقي سيوهڻ جا سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جتي ڳوٺاڻن جي زندگي سخت مشڪلاتن ۾ ڦاسي وئي آهي۔ ڳوٺ دريديرو، صالح ٻگهيو، حيات خان جلباڻي، الھ وارايو هاليپوٽو، نئون وهڻ، پيرل خان هاليپوٽو، ڀورل خان جتوئي، ماهي اوٺو، مصري خان جتوئي سميت ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن۔ علائقي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي بند ڪمزور ٿي ويا آهن، پر ايريگيشن کاتي جا عملدار لاتعلق نظر اچن ٿا۔ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته شهر ڏانهن ويندڙ زميني رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جنهن ڪري هو روزانو پرائيويٽ ٻيڙين ذريعي ڳوٺ ۽ شهر جي و چ ۾ سفر ڪرڻ تي مجبور آهن۔ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي: “سرڪاري ٻيڙيون مهيا نه ڪيون ويون آهن، اسان کي پرائيويٽ ٻيڙين ۾ روزانو سوين روپيا خرچ ڪرڻا پون ٿا۔” متاثر ماڻهن وڌيڪ دانهن ڪندي ٻڌايو ته سرڪاري سطح تي اڃا تائين نه ڪا ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي، نه ئي ڪا باقاعده رليف سرگرمي ڏسڻ ۾ آئي آهي۔ ٻوڏ متاثرن جو مطالبو آهي ته حڪومت فوري طور تي ريسڪيو، ميڊيڪل ۽ رليف جي سهولتن جو انتظام ڪري۔
