سيوهڻ ڳوٺ آمڙا ۾ معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو وڌي ويو، جيڪو رت جي راند ۾ تبديل ٿي ويو. فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت سميت ٻه ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا. فائرنگ ۾ قربان آمڙو ۽ مسمات گلزارا زندگي وڃائي ويٺا، جڏهن ته غلام رسول، صدام، عرس، شاھنواز ۽ شبير آمڙو زخمي ٿيا. زخمين کي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس منتقل ڪيو ويو، جتي ٻنهي مڙس ۽ عورت زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا. ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جن جي گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.
