غلام شاهه لڳ دائم ملڪ ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ هڪ عورت قتل ٿي وئي. ڳوٺ گابر جوڻيجو ۾ ڀاڻج پنهنجي ماسي کي ڳوٺ جي هڪ نوجوان سان ڪارنهن جو الزام ڏئي بندوق جو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب جوابدار عبدالرئوف جوڻيجو پنهنجي ماسي گل بانو، زال راحب جوڻيجو، تي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا عورت جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال لکي غلام شاهه منتقل ڪيو
