ڇاڇرو (رپورٽ) – ڇاڇرو ڀرسان ڳوٺ حيات هاليپوٽو ۾ افسوسناڪ واقعي ۾ 50 ورهين جو اڌڙوٽ شخص وڻ سان لٽڪيل حالت ۾ مئل مليو. فوتي جي سڃاڻپ رمضان پٽ پانڌي سنگراسي طور ٿي اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو. ابتدائي طور وارثن هن واقعو آپگهات قرار ڏنو آهي. پوليس موجب فوتي جي موت جا سبب اڃا تائين پڪ سان سامهون نه اچي سگهيا آهن ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي. ڳوٺ ۾ ٿيل هن اوچتي واقعي سبب علائقي ۾ خوف ۽ سوڳ ڇانئجي ويو آهي.
