اسلام آباد ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته آرمي چيف جي هدايت تي ملڪ جي مختلف ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ۽ بحالي جا ڪم تيزي سان جاري آهن. پريس ڪانفرنس دوران هن ٻڌايو ته پاڪ فوج پلن ۽ روڊن جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. خراب موسم باوجود 3 وڏا پل مڪمل طور بحال ڪيا ويا، جن ۾ 2 خيبرپختونخوا ۽ 1 گلگت بلتستان ۾ آهن، جڏهن ته سول انتظاميا سان گڏجي 104 روڊ به ٻيهر کوليا ويا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته امدادي ڪاررواين دوران پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ۽ 2 زخمي ٿيا، جيڪي پنهنجي جان جو نذرانوعطا ڪري قوم سان وابستگي جو عملي ثبوت پيش ڪيو. هن ٻڌايو ته فيلڊ مارشل جي هدايت تي هڪ انجينئر برگيڊ ۽ 30 يونٽ صرف ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ لڳل آهن، جن ۾ 19 انفنٽري، 7 انجينئر ۽ 4 ميڊيڪل يونٽ شامل آهن.ترجمان پاڪ فوج وڌيڪ چيو ته مشڪل حالتن باوجود بارڊر ۽ ورڪنگ بائونڊري تي مڪمل نگراني جاري آهي، ڪنهن به پوسٽ کي خالي نه ڇڏيو ويو آهي، جڏهن ته دهشتگردن خلاف آپريشن به ساڳي ئي شدت سان جاري آهن.
