بلڙي شاهه ڪريم ملاڪاتيار وٽ سنڌو درياهه ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آهي، جتي هن وقت وهڪرو 2 لک 11 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پاران ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم لاءِ مقرر ڪيل فوڪل پرسن ۽ صوبائي وزير فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ محمد علي ملڪاڻي حاجي پور بچاءُ بند جو دورو ڪيو. وزير ڪم جو جائزو وٺندي انجنيئرن ۽ لاڳاپيل عملدارن کان صورتحال بابت بريفنگ ورتي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته بچاءُ بند مڪمل طور محفوظ آهن ۽ ترقياتي ڪم به تيزي سان جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ هفتي دوران پاڻي ۾ واڌ جو امڪان آهي، پر ڪنهن به خطري جي ڳالهه ناهي، ڇو ته 2010 جي ٻوڏ دوران به 10 لک ڪيوسڪ پاڻي گذري چڪو آهي. دوري دوران پ پ ايم پي اي سيد اعجاز شاهه بخاري، ڊي سي ٽنڊومحمدخان ڌرمون ڀاواني ۽ ٻيا عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا.
