قاضي احمد ۾ قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ڪلٽي، 5 فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي

نوابشاهه: قاضي احمد ۾ قومي شاهراهه سنگره موري وٽ تيز رفتار مسافر ڪوچ الٽجي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 مسافر فوت ٿي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.ملتان کان ڪراچي ويندڙ بس حادثي جو شڪار، زخمين کي اسپتال منتقل، وڏي وزير جو نوٽيس موٽر وي پوليس موجب حادثي ۾ زخمين ۽ فوتين کي قاضي احمد، نوابشاهه ۽ شاهپور جهانيان جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. حادثي جو شڪار ڪوچ ملتان کان ڪراچي وڃي رهي هئي، جڏهن⁠ته حادثي بابت جاچ جاري آهي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوابشاهه ۾ مسافر ڪوچ حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪمشنر شهيد بينظير آباد کي فوري امدادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير زور ڏنو ته فوتين ۽ زخمين جي وارثن سان مڪمل تعاون ڪيو وڃي.