پشاور جي ڪوهاٽ روڊ تي قمر دين ڳڙهي جي ويجهو پوليس موبائيل ڀرسان ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ 4 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پياسٽي پوليس آفيسر (سي سي پي او) ڊاڪٽر ميان سعيد موجب، پوليس موبائيل گشت تي هئي ته اوچتو روڊ ڪناري رکيل بارودي مواد ۾ ڌماڪو ٿي ويو. ڌماڪي سبب پوليس موبائيل کي نقصان پهتو ۽ 4 اهلڪار زخمي ٿيا، جن کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي
سي سي پي او مطابق پوليس ٽيمون واقعي واري هنڌ تي پهچي علائقو ڪڙو ڪيو ۽ شواهد گڏ ڪرڻ شروع ڪيا آهن.
