پشاور: خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي اجلاس دوران وزارتن جي ورهاست تي سخت بحث ۽ اختلاف سامهون آيا آهن۔ ذريعن موجب ڪيترن ئي ايم پي ايز شڪايت ڪئي ته سندن ضلعن کي وزارتن ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه ميمبرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن وزارتن جي ورهاست تي نظرثاني نه ڪئي وئي ته اسيمبلي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو۔اجلاس جي صدارت چيف وِپ اڪبر ايوب ڪئي، جنهن ۾ اڊيالا جيل وڃڻ بابت به حڪمت عملي تيار ڪئي وئي۔ هر ايم پي اي کي 100 ڪارڪن اڊيالا جيل پهچائڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي۔ ذريعن موجب عمران خان ۽ بشريٰ بي بي سان ملاقات لاءِ ڇهن اڳواڻن جا نالا جيل اختيارين ڏانهن موڪليا ويا آهن، جڏهن ته عمران خان جون ڀينرون ۽ بشريٰ بي بي جي فيملي به اڊيالا وڃڻ جو امڪان آهي۔