ڪوئيٽه ۾ بلدياتي چونڊون 28 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان ڪوئيٽه ۾ بلدياتي چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي۔تفصيل موجب چونڊون 28 ڊسمبر تي منعقد ٿينديون، جڏهن⁠ته نامزدگي جا ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ 4 ڏينهن مقرر ڪيا ويا آهن۔شيڊول موجب ريٽرننگ آفيسر 11 نومبر تي عوامي نوٽيس جاري ڪندا۔اميدوار 13 نومبر کان 17 نومبر تائين پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا۔نامزدگي جي جاچ پڙتال 19 نومبر کان 24 نومبر تائين ڪئي ويندي، جڏهن⁠ته اپيلن تي ٻڌڻي 3 ڊسمبر تائين مڪمل ڪئي ويندي۔نظرثاني ٿيل اميدوارن جي فهرست 4 ڊسمبر تي جاري ڪئي ويندي، ۽ اميدوار 5 ڊسمبر تائين پنهنجا ڪاغذ واپس وٺي سگهندا۔اليڪشن ڪميشن موجب چونڊ نشانيون 6 ڊسمبر تي الاٽ ڪيون وينديون، جڏهن⁠ ته حتمي اميدوارن جي فهرست 18 ڊسمبر تي جاري ڪئي ويندي۔ڪوئيٽه ۾ بلدياتي چونڊون 28 ڊسمبر تي ٿينديون۔

پنھنجي راءِ لکو