قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن 4 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز مؤثر ڪارروائي ڪندي 4 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي ماريو آهي۔
آءِ ايس پي آر موجب آپريشن “فتنہ الہندوستان” گروهه خلاف ڪيو ويو، جنهن دوران هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيا ويا۔
ماريل دهشتگرد ڪيترين دهشتگرديءَ واري ڪاررواين ۾ ملوث هئا۔پاڪ فوج جو چوڻ آهي ته عزمِ استحڪام هيٺ دهشتگرديءَ خلاف مهم پوري طاقت سان جاري آهي ۽ غير ملڪي اسپانسرڊ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو۔
گذريل مهيني به ڪوئيٽا ۽ بليده ۾ آپريشن دوران 18 ڀارتي مدد يافته دهشتگرد مارجي ويا هئا۔

پنھنجي راءِ لکو