ڪراچي: جماعت اسلامي ڪراچي طرفان شهر ۾ لاڳو ڪيل فيس ليس ٽڪيٽنگ سسٽم (اي چالان) کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي۔امين جماعت اسلامي ڪراچي منعم ظفر پنهنجي وڪيل وسيلي داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ته خودڪار نظام هيٺ گاڏين جي خلاف ورزي تي چالان گاڏي جي مالڪ جي نالي تي موڪليا پيا وڃن، ڀلي گاڏي هلائيندڙ ٻيو ماڻهو هجي۔درخواست ۾ چيو ويو ته انفراسٽرڪچر جي بهتري ۽ گاڏين جي مالڪي جي تصديق کانسواءِ هي نظام لاڳو ڪيو ويو، جنهن سان شهرين تي ڳرا ڏنڊ، لائسنس معطلي ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جهڙا غير قانوني قدم کنيا ويا آهن۔وڪيل جو چوڻ هو ته سندس ۾ ڪيترين ئي گاڏين جو رڪارڊ اڃا تائين پراڻن مالڪن جي نالي تي آهي، ۽ محڪمو ايڪسائيز ۾ ڪرپشن سبب گاڏين جي مالڪي منتقلي بروقت نٿي ٿئي۔منعم ظفر جو چوڻ هو ته شهر ۾ نه زيبرا ڪراسنگ آهن، نه رفتار جون حدون ظاهر ڪندڙ بورڊ، نه ئي سڌيون سڙڪون، ۽ ڪيترين ئي هنڌن تي ترقياتي منصوبن سبب رانگ وي ٽريفڪ هلائي پئي وڃي۔هن چيو ته 30 کان 40 هزار رپيا ڪمائيندڙ شهري ڪيئن اهڙا ڳرا ڏنڊ ڀري سگهي ٿو؟درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته اي چالان ۽ ڳرا ڏنڊ معطل ڪيا وڃن ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل نظام کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي۔منعم ظفر جو چوڻ هو ته هڪ هفتي ۾ 30 هزار کان وڌيڪ شهرين تي ڏنڊ لڳايا ويا آهن، جيڪو شهرين لاءِ مالي ظلمن جي برابر آهي۔هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ رستن جي خستہ حالت، ٽرانسپورٽ جي کوٽ ۽ غير معياري منصوبن سبب شهري مشڪلاتن جو شڪار آهن۔ڪجهه ڏينهن اڳ امين جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان به چيو هو ته اسان اي چالان جي خلاف عوام ۽ عدالت ۾ وينداسين، ڇو ته هي نظام شهري حقن جي لتاڙ آهي۔
