گهر ويٺي غلط يا ڊپليڪيٽ اي چالان منسوخ ڪرڻ جو نئون طريقو متعارف

پنجاب سيف سٽيز اٿارٽي (PSCA) شهرين جي سهولت لاءِ نئون آن لائن پورٹل متعارف ڪرايو آهي، جنهن جي ذريعي هاڻ شهري غلط يا ڊپليڪيٽ اي چالان گهر ويٺي منسوخ ڪرائي سگهن ٿا۔ هن نئين نظام بعد شهرين کي هاڻي PSCA آفيس وڃڻ يا ڊگهي قطار ۾ بيهڻ جي ضرورت نه پوندي۔اٿارٽي موجب جيڪڏهن ڪنهن ڊرائيور کي هڪڙي ئي ٽريفڪ ڀڃڪڙي تي ڪيترائي چالان مليا آهن، جيڪي سسٽم يا فني خرابي سبب جاري ٿيا هجن، ته هاڻ هو پنهنجي موبائل فون يا ڪمپيوٽر ذريعي آن لائن درخواست جمع ڪرائي سگهي ٿو۔چالان منسوخ ڪرائڻ لاءِ PSCA جي اي چالان پورٹل تي وڃي، گاڏي جو رجسٽريشن نمبر ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ (CNIC) داخل ڪرڻو پوندو، پوءِ “Review” اختيار چونڊي مسئلي جي مختصر وضاحت لکڻي پوندي، جيئن ته “مون کي ساڳئي تاريخ ۽ وقت لاءِ ٻه چالان موصول ٿيا آهن।”اٿارٽي جو چوڻ آهي ته هي نئون نظام شڪايتن جي جاچ ۽ ازالي جي عمل کي تيز ڪندو، آفيسن تي دٻاءُ گهٽائيندو ۽ غلط يا ڊپليڪيٽ چالانز کي فوري طور ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو۔وڌيڪ سهولت لاءِ PSCA طرفان “Public Safety” نالي ايپ به متعارف ڪرائي وئي آهي، جيڪا اينڊرائيڊ ۽ iOS ٻنهي پليٽ فارمن تي موجود آهي۔ هن ايپ ذريعي به شهري پنهنجا اي چالان ڏسي، جائزو وٺي ۽ منسوخي جي درخواست جمع ڪرائي سگهن ٿا۔

پنھنجي راءِ لکو