27هين آئينی ترميم سڀاڻي سينيٽ ۾ پيش ڪئي ويندي حڪومت نمبر گيم مڪمل ٿيڻ جو دعويٰ ڪري ڇڏيو

حڪومت طرفان 27هين آئينی ترميم سڀاڻي سينيٽ ۾ پيش ڪئي ويندي۔ حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ جي بغير به سينيٽ ۾ ترميم منظور ڪرائڻ لاءِ ضروري انگ مڪمل ٿي ويا آهن۔ذريعن موجب سينيٽ جي 96 ميمبرن مان حڪومت کي 65 سينيٽرز جي حمايت حاصل آهي، جڏهن ته ترميم منظور ڪرائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 64 ووٽ گهربل آهن۔ حڪومت کي اي اين پي جي ٽن سينيٽرز، آزاد سينيٽر نسيمه احسان ۽ ٻين ڇهن آزاد ميمبرن جي حمايت حاصل ٿيڻ جو امڪان آهي، جن ۾ محسن نقوي، عبدالڪريم، فيصل واوڊا، عبدالقادر، انوارالحق ڪاڪڙ ۽ اسد قاسم شامل آهن۔حڪومت جي يو آءِ جي سينيٽرز سان به رابطا وڌائي ڇڏيا آهن ته جيئن کين ترميم جي حمايت لاءِ راضي ڪيو وڃي۔سينيٽ ۾ پ پ 26 ميمبرن سان سڀ کان وڏي پارٽي آهي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) وٽ 20 سينيٽرز آهن۔ بي اي پي جا 4، ايم ڪيو ايم جا 3، اي اين پي جا 3، جڏهن ته نيشنل پارٽي ۽ ق ليگ جا هڪ هڪ ميمبر به حڪومتي اتحاد جو حصو آهن۔ٻئي پاسي اپوزيشن وٽ 29 ميمبرن جي حمايت موجود آهي، جن ۾ پي ٽي آءِ جا 14، جي يو آءِ جا 7 ۽ 6 آزاد سينيٽر شامل آهن۔ ايم ڊبليو ايم ۽ سني اتحاد ڪائونسل جا هڪ هڪ ميمبر به اپوزيشن ۾ شامل آهن، جڏهن ته اپوزيشن جا آزاد ميمبر مراد سعيد ۽ خرم ذيشان اڃا تائين حلف نه کنيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو