ڳهرندڙ ٽيڪس معاشي تباهي جو سبب بڻجي رهيا آهن حڪومت حقيقت لڪائي رهي آهي گوهر اعجاز

ايڪنامڪ پاليسي اينڊ بزنس ڊولپمينٽ جي چيئرمين گوهر اعجاز چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ ٽيڪسن جو بار معيشت لاءِ تباه ڪن ثابت ٿي رهيو آهي۔ جاري ڪيل رپورٽ ۾ هن چيو ته حڪومت جي دعوائن ۽ حقيقي حالتن ۾ وڏو فرق آهي۔
گوهر اعجاز موجب گذريل سالن ۾ نوڪري پيشه ۽ ڪاروباري ماڻهن تي ڳرا ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا آهن، جنهن سان معاشي سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن۔هن چيو ته حڪومت 2028 تائين ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ريشو 18 فيصد تائين پهچائڻ چاهي ٿي، جنهن جو مطلب آهي ته ٽيڪس ڏيندڙن تي وڌيڪ بار وڌايو ويندو۔گوهر اعجاز موجب ايف بي آر ڄاڻي واڻي ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ريشو 10 فيصد ڏيکاري رهيو آهي، جڏهن ته اصل ۾ اها شرح 12 فيصد تائين پهچي چڪي آهي، ۽ ادارو غلط دعوائن وسيلي ٽيڪس نيٽ وڌائڻ جي ذميواري کان پاسو ڪري رهيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو