گهوٽڪي جي علائقي رونتی جي ڪچي ۾ پوليس آپريشن دوران مارجي ويل 8 گهربل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي۔ ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله موجب مارجي ويل ڌاڙيل سنڌ ۽ پنجاب جي سنگين ڏوهن ۾ انتهائي گهربل هئا، جڏهنته آپريشن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا 20 کان وڌيڪ انعام يافته ڌاڙيل زخمي ٿيا آهن۔ آپريشن ۾ رينجرز ۽ وفاقي سول انٽيليجنس ايجنسي جي مڪمل مدد حاصل هئي۔ ڊي آءِ جي ٻڌايو ته آپريشن دوران 12 ڌاڙيل مارجي ويا ۽ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو۔ مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ سوبو عرف گونو شر، جيڪو پوليس اهلڪارن جي شهادت سميت 13 ڪيسز ۾ گهربل هو، اڪبر عرف اڪبري شر، جيڪو 2 پوليس اهلڪارن جي قتل سميت 17 ڏوهن ۾ ملوث هو، ۽ شاهنواز عرف شاهو ڪوش شامل آهن، جنهن تي 50 لک روپين جو انعام رکيل هو۔ ان سان گڏ جاگن عرف وديو ڪوش، غلام عرف جانب شر، نذير شر، غشو عرف گل شير ۽ قربان شر به شامل آهن، جيڪي پوليس اهلڪارن جي قتل ۽ ٻين سنگين ڪيسز ۾ گهربل هئا۔
