ترڪي جي علائقائي گورنر موجب هفتي جي صبح اتر اوڀر ترڪي، دلواسي صنعتي شهر ۾ هڪ پرفيوم ڊپو ۾ خوفناڪ باھ لڳي، جنهن ۾ 6 ماڻهو فوت ۽ 1 زخمي ٿي ويو

اسان جا ڇهه شهري بدقسمتي سان پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته هڪ شديد زخمي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي رپورٽن موجب باھ تي فائر فائٽرز، ريسڪيو ٽيمون ۽ ميونسپل اهلڪار قابو پاليو، ۽ لاشون اسپتال منتقل ڪيون ويون ترڪي جي اين ٽي وي چينل جي تصويرن مان ڏيکاريو ويو ته ڊپو جي ٻه منزلون مڪمل طور تباهه ٿي چڪيون آهن،جڏهن ته باھ لڳڻ جو سبب اڃا معلوم نه ٿيو آهي۔دلواسي، استنبول کان لڳ ڀڳ 70 ڪلوميٽر (43 ميل) جيفاصلي تي واقع آهي، جتي ڪيترائي ڊپو ۽ ڪارخانا موجودآهن۔ياد رهي ته گذريل عرصي ۾ ترڪي ۾ وڏا آتشزدگي جاواقعاپيش آيا آهن، جنهن ۾ هڪ هوٽل جي باھ ۾ 78 ماڻهو فوت ۽ 137 زخمي ٿيا هئا۔

پنھنجي راءِ لکو