عوامي نيشنل پارٽي (اے اين پي) خيبرپختونخوا جو نالو تبديل ڪرڻ بابت ترميم 27هين آئيني ترميم ڪميٽي ۾ پيش ڪئي.اے اين پي پنهنجي تجويز ۾ صوبو جو نالو “خيبرپختونخوا” مان “خيبر” ڪڍي صرف “پختونخوا” رکڻ جي سفارش ڪئي آهي. پارٽي جو مؤقف آهي ته خيبر هڪ ضلعو آهي ۽ ٻين صوبن ۾ نالي سان ضلعو شامل نٿو ڪيو وڃي.ذرائع موجب گڏيل پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ اتحادي پارٽين طرفان ٽي وڌيڪ ترميمون پيش ڪيون ويون، جن ۾ اے اين پي، بي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم شامل آهن.اجلاس ۾ زير التوا ڪيسن جي فيصلي جي مدت 6 مهينن کان وڌائي هڪ سال ڪرڻ واري ترميم منظور ڪئي وئي، ۽ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن هڪ سال تائين ڪيس جي پيروي نه ٿئي ته اهو نمٽيل تصور ڪيو ويندو.ايم ڪيو ايم جي بلدياتي نمائندن لاءِ فنڊن بابت ترميم تي به اتفاق ٿيو، جڏهنته بلوچستان اسيمبلي جون سيٽون وڌائڻ تي اصولي اتفاق ڪيو ويو، پر اضافي سيٽن جو تعداد اڃا طئي ٿيڻ وارو آهي.ذرائع موجب آئيني عدالت جي قيام بابت تجويز تي صلاح مشورا مڪمل ٿي ويا آهن، گڏيل ڪميٽي آرٽيڪل 175 (A) کان 175 (L) تائين 12 شقن تي اتفاق ڪيو آهي.ان سان گڏ وزيراعظم ۽ وزرائن اعلى جي مشيرن جي تعداد وڌائڻ، سپريم جوڊيشل ڪونسل ۽ ڪميشن جي ٻيهر جوڙجڪ، آرٽيڪل 243، آرٽيڪل 200، ججن جي تبادلن ۽ آرٽيڪل 248 تي به مشاورت جاري آهي.ساڳئي وقت، سينيٽر انوشه رحمان وزيراعظم جي هدايت تي وزيراعظم لاءِ استثنا واري تجويز واپس وٺي ڇڏي، جيڪا هن ۽ طاهر خليل سنڌو گڏجي پيش ڪئي هئي.
