پاڪستان ۾ هڪ ئي ڏينهن دوران سوني جي قيمت ۾ وڏو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن بعد في توله سونو 7 هزار وڌي 4 لک 29 هزار 862 رپيا ٿي ويو۔تفصيل موجب، عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سوني جي قيمت ۾ چڙهاءُ ۽ لهر جو سلسلو جاري آهي، پر اڄ وري سونو مهانگو ٿي ويو۔صرافه ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سونو 6 هزار 337 رپيا وڌي 3 لک 68 هزار 530 رپيا ٿي ويو۔عالمي مارڪيٽ ۾ به سوني جي في اونس قيمت ۾ 74 ڊالر جو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ في اونس سونو 4 هزار 75 ڊالر تي پهچي ويو۔ٻئي پاسي، چاندي جي في توله قيمت ۾ به 115 رپيا واڌ ٿي، جنهن سان نئين قيمت 5 هزار 209 رپيا مقرر ڪئي وئي۔ماهرن جو چوڻ آهي ته سونو روايتي طور تي محفوظ سيڙپڪاري طور ڏٺو ويندو آهي، جنهن جي قيمت اڪثر سياسي يا معاشي بحرانن دوران وڌي ويندي آهي۔ياد رهي ته گذريل سال پاڪستان ۾ سوني جي قيمت طئي ڪرڻ جو طريقو تبديل ڪيو ويو هو، جنهن مطابق سوني جي قيمت عالمي مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ في اونس 20 ڊالر وڌيڪ مقرر ڪئي ويندي آهي۔
