نئين دهلي / اسلام آباد: ڀارت جي پاڪستان مخالف پروپيگنڊا مهم جو هڪ ٻيو ڪارو روپ سامهون اچي ويو آهي۔ ڀارتي ميڊيا ٻيهر ڪوڙ ۽ من گھڙت خبرن ذريعي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي۔تفصيل موجب اترپرديش ۽ حيدرآباد مان گرفتار ٿيل مقامي دهشتگردن کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔ ڀارتي ميڊيا صبح کان ئي ڪوڙين ۽ فِيڪ خبرن جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو، جن ۾ ڪا به حقيقت ناهي۔شروعاتي جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته گرفتار ٿيل دهشتگرد ڀارت جا پنهنجا شهري آهن ۽ انهن جو پاڪستان سان ڪو به تعلق ناهي۔ ان باوجود ڀارتي ميڊيا نوان نوان ڪوڙا بيانيه ٺاهڻ ۾ مصروف آهي۔ڪڏهن ڪيميائي حملي جون ڪهاڻيون ته ڪڏهن پاڪستاني هٿيارن جو ڊرامو، ڀارتي ميڊيا مسلسل عوام کي گمراه ڪري رهيو آهي۔ لال قلعو ڌماڪي کان پوءِ ڀارتي پوليس پهريون مؤقف ڏنو ته اهو سلينڊر ڌماڪو هو، پر ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي ڀارتي ميڊيا پاڪستان مخالف فالس فليگ مهم شروع ڪري ڇڏي۔ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارت پنهنجي اندرين بحران کان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙا هتھڪڻا استعمال ڪري رهيو آهي۔ پاڪستان ڪيترائي ڀيرا دهشتگردي جي مذمت ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا ۽ حڪومت پنهنجي عوام کي ڪوڙن سان بيوقوف بڻائڻ ۾ لڳل آهن۔پاڪستان مخالف فالس فليگ آپريشن جو اهو نئون ڊرامو پڻ ڀارتي پروپيگنڊا جي حقيقي چهري کي ظاهر ڪري ٿو۔
