بلوچستان ٽرانسپورٽ اٿارٽي طرفان امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي صوبي ۾ ٽن ڏينهن لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔نوٽيفڪيشن موجب 12 کان 14 نومبر تائين بين الصوبا۽ بين ضلعا ٽرانسپورٽ مڪمل طور معطل رهندي۔ ڪنهن به مسافر بس، وين يا ڪوچ کي روڊن تي هلڻ جي اجازت نه هوندي۔انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته حڪمن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، جڏهن ته خلاف ورزي ڪندڙ ڊرائيورن ۽ ٽرانسپورٽ مالڪن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي۔ساڳي وقت، بلوچستان حڪومت طرفان دفعو 144 ۾ به 30 نومبر تائين توسيع ڪئي وئي آهي۔نئين نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، البت عورتن ۽ ٻارن کي استثنا حاصل هوندو۔عوامي هنڌن تي چهرو ڍڪڻ، نقاب، ماسڪ يا مفلر استعمال ڪرڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته ڌماڪيدار مواد ۽ سلفيوريڪ ايسڊ جي نقل وحرڪت تي مڪمل پابندي برقرار رهندي۔
