افغانستان ۾ جديد هٿيارن جي موجودگي تي پاڪستان جو اظهارِ تشويش دهشتگردن جي هٿيارن تائين رسائي علائقائي امن لاءِ خطرو قرار

پاڪستان افغانستان ۾ جديد هٿيارن ۽ گولا بارود جي ذخيرن تي ڳري تشويش ظاهر ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد گروپن جي غيرقانوني هٿيارن تائين رسائي علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهي۔تفصيل موجب، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي مستقل مندوب عاصم افتخار احمد خطاب ڪندي چيو ته دهشتگرد گروهه افغانستان مان کليل طور ڪارروايون ڪري رهيا آهن ۽ انهن وٽ جديد هٿيارن ۽ گولا بارود جا وڏا ذخيرا موجود آهن۔هن خبردار ڪيو ته اهي دهشتگرد تنظيمون غيرقانوني هٿيار پاڪستاني شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف استعمال ڪري رهيون آهن، جنهن سبب هزارين بيگناهه زندگيون ضايع ٿي چڪيون آهن۔عاصم افتخار احمد چيو ته انهن گروهن کي علائقي جي هڪ وڏي تخريبي ڪردار جي مالي ۽ عملي مدد حاصل آهي، جنهن سان علائقي ۾ اڻتبادلي وڌي رهي آهي۔هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغان عبوري اختيارين کي سندن واعدن تي عمل ڪرائڻ لاءِ پابند بڻائي ۽ افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن کي غيرقانوني هٿيارن تائين رسائي کان روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي۔هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ جنگ جي بدلجندڙ اندازن سبب غيرقانوني هٿيارن جي پکڙجڻ جا نوان چئلينج پيدا ٿي رهيا آهن، تنهن ڪري روايتي هٿيارن جي ڪنٽرول نظام کي جديد بنيادن تي استوار ڪرڻ ضروري آهي۔پاڪستاني مندوب وڌيڪ چيو ته غيرقانوني هٿيارن جي واپار تي ضابطو آڻڻ، عالمي امن جي واڌ ۽ علائقائي استحڪام لاءِ بين الاقوامي تعاون ۾ واڌ ناگزير آهي

پنھنجي راءِ لکو