اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ جوڊيشل ڪمپليڪس جي ويجهو ٿيل خودڪش ڌماڪي کان پوءِ، خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو ويو آهي۔تفصيل موجب آءِ جي خيبرپختونخوا ذوالفقار حميد سڀني آر پي اوز ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي حڪم جاري ڪيا آهن ته تعليمي ادارن، عدالتن ۽ پوليس آفيسن جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وڃي۔حساس ادارن ۽ تنصيبات ۾ سيڪيورٽي کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ جون به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔سيڪيورٽي ادارن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي تي فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اهم هنڌن تي چيڪنگ ۽ چوڪين کي وڌيڪ مؤثر بڻايو وڃي۔ان کان اڳ لاهور ۾ به سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي هئي، جتي عدالتن جي حفاظت لاءِ پوليس اهلڪارن جي تعداد وڌائي وئي آهي ۽ ماتحت ۽ اعليٰ عدالتن جي چوڌاري پوليس جي پٽرولنگ جاري آهي۔پوليس موجب شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي گاڏين جي چيڪنگ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، سڀئي انٽري پوائنٽس ڪلوز سرڪٽ ڪيمرن ذريعي مانيٽر ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته مشڪوڪ گاڏين جي تفصيلي جاچ ڪئي پئيوڃي۔ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ جوڊيشل ڪمپليڪس جي ويجهو ٿيل خودڪش ڌماڪي ۾ 12 ڄڻا شهيد ۽ 27 زخمي ٿيا هئا۔ پوليس موجب ڌماڪو پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏي ۾ ٿيو، جڏهن ته خودڪش حملي آور جو مٿو واقعي واري هنڌ تان هٿ آيو۔ پوليس طرفان شواهد گڏ ڪرڻ جو عمل جاري آهي۔
