وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو آهي ته وانا ڪيڊٽ ڪاليج ۾ دهشتگردن خلاف پاڪ فوج جو آپريشن دنيا جي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو ۽ اهو ملٽري اڪيڊمين ۾ پڙهايو ويندو۔پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته اپوزيشن کي 27هين آئيني ترميم تي شق وار بحث ڪرڻ گهرجي ها، بغير پڙهڻ جي بل تي تبصرا ڪرڻ يا بيانيه ٺاهڻ سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو، اپوزيشن جو شور شرابو ته ڏهه-ٻارهن سالن کان جاري آهي۔عطا تارڙ چيو ته پاڪ فوج 500 کان وڌيڪ شاگردن کي بحفاظت ريسڪيو ڪيو، اهو هڪ تاريخي آپريشن هو۔هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن خدانخواستہ ڪو وڏو نقصان ٿئي ها ته اهو آرمي پبلڪ اسڪول واري سانحي کان ڏهه ڀيرا وڏو نقصان ٿئي ها، پر پاڪ فوج دشمن کي شڪست ڏني، ۽ دهشتگرد مورچا ڇڏي ڀڄي ويا۔وفاقي وزير چيو ته دشمن لاءِ پيغام آهي ته پاڪستان پنهنجي کان چار ڀيرا وڏي دشمن کي شڪست ڏئي چڪو آهي، هي پراڪسي وار اسان لاءِ ڪو مسئلو ناهي۔ياد رهي ته گذريل ڏينهن سيڪيورٽي فورسز وانا ڪيڊٽ ڪاليج تي دهشتگرد حملو ناڪام بڻائيندي سڀني دهشتگردن کي هلاڪ ڪيو، عمارت کي بارودي سرنگن کان صاف ڪيو پيو وڃي، ۽ ڪنهن شاگرد يا استاد کي ڪو نقصان نه پهتو۔فرنٽيئر ڪور ڪي پي ڏکڻ جا اهلڪار پاڻ آپريشن جي نگراني ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ٽي دهشتگرد جيڪي ايڊمن بلاڪ تائين پهتا هئا، انهن کي اُتي ئي ماريو ويو۔علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي ته جيئن ممڪن دهشتگرد يا سندن سهولتڪار گرفتار ٿي سگهن۔
