قومي اسمبلي ۾ اڄ 27هين آئيني ترميم منظور ٿيڻ جو امڪان آهي، حڪومت کي ايوان ۾ 238 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي۔تفصيل موجب قومي اسمبلي جو اجلاس اڄ صبح 11 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ 27هين آئيني ترميم تي بحث ۽ منظوري ڏني ويندي۔ وزير قانون بل پيش ڪندا، جنهن جي شقوار منظوري کان پوءِ حتمي ووٽنگ ڪئي ويندي۔بل جي منظوري لاءِ 224 ووٽ ضروري آهن، جڏهن ته حڪومت وٽ 238 ميمبرن جي حمايت موجود آهي۔گذريل ڏينهن وزير قانون اعظم نذير تارڙ قومي اسمبلي ۾ ٻڌايو هو ته سينيٽ اڳ ئي ٻه-ٽيهائي اڪثريت سان بل منظور ڪري چڪي آهي۔بل موجب سوموٽو اختيار ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير کي سندن پيشورانا خدمتن جي اعتراف ۾ فيلڊ مارشل جو اعزاز ڏنو ويو آهي، جنهن کي هاڻي آئيني تحفظ حاصل هوندو۔ان کان علاوه صدرِ مملڪت کي آرٽيڪل 248 تحت تاحيات استثنا ڏيڻ جي تجويز به شامل آهي۔اپوزيشن بل جي سخت مخالفت ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته آئيني ترميم هميشه اتفاقِ راءِ سان ٿيندي آهي، پر حڪومت “ٻن لوٽن جي ووٽ” سان ترميم پاس ڪرائي آهي۔ هن چيو ته چيف جسٽس جو ٽائيٽل ختم ڪري وزيراعظم ذريعي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جي مقرري غلط قدم آهي۔ٻئي طرف سينيٽ اجلاس جو وقت ۽ تاريخ به تبديل ڪئي وئي آهي، هاڻي اجلاس جمعرات بدران اڄ شام 5 وڳي ٿيندو۔سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب تبديلي سينيٽ قاعدن 2012 تحت ڪئي وئي، نوٽيفڪيشن سيڪريٽري سينيٽ سيد حسنين حيدر جاري ڪيو ۽ ڊپٽي سيڪريٽري محمد اعظم دستخط ڪيا۔
