لڪي مروت خان ڪوٽ قبرستان ڀرسان فائرنگ ٻه سڳا ڀائر قتل

ضلعي لڪي مروت ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي خان ڪوٽ قبرستان ڀرسان فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه سڳا ڀائر قتل ٿي ويا۔تفصيل موجب ڪراچي-پشاور انڊس هاءِ وي تي نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اڪبر علي خان ۽ ارشاد علي خان موقعي تي فوت ٿي ويا۔پوليس موجب حملاور فائرنگ کان پوءِ موٽر سائيڪل تي فرار ٿي ويا، جڏهن ته لاشون ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيون ويون۔پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي تحقيقات ۾ اهو واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو۔ٿاڻو غزني خيل پوليس نامعلوم جوابدارن خلاف مقدمو داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو