سکر: پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينه مقابلي دوران بدنام ڏوهاري سلطان شاهه پنهنجي پٽ حبدار شاهه سميت مارجي ويو.اي ايس پي سکر اظهر مغل موجب سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن دوران سلطان شاهه پنهنجي پٽ سميت روهڙي مان واردات ڪرڻ بعد ڀڄي رهيو هو. اطلاع تي پوليس پيڇو ڪيو ته ڏوهارين سول اسپتال سکر جي پوئين پاسي کان پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو.جوابي فائرنگ ۾ ڏوهاري سلطان شاهه ۽ سندس پٽ حبدار شاهه مارجي ويا. ٻنهي جا لاش ريڙهي وسيلي سکر سول اسپتال منتقل ڪيا ويا.ياد رهي ته سلطان شاهه اڳ ماضي ۾ ڏوهن جي دنيا جو وڏو نالو رهيو آهي، پر اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا جي دور ۾ ڏوهن کان توبهه ڪري سماجي ڪمن ۾ سرگرم ٿيو هو. ڪجهه وقت کان ذاتي دشمني ۽ ٻين سببن ڪري روپوش هو ۽ اڄ پٽ سميت پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو.
