اسلام آباد ڪچهرِي خودڪش ڌماڪي جو حمله آور ۽ سهولتڪار سڃاڻپ گرفتار

اسلام آباد 11 نومبر 2025 تي ڪچهرِي جي ٻاهران ٿيل خودڪش ڌماڪي جي حمله آور ۽ ان جي سهولتڪار جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. ذريعن موجب حمله آور افغانستان سان تعلق رکي ٿو جڏهن ته سهولتڪار باجوڙ مان آهي۔سرچ آپريشن دوران سهولتڪار جي نشاندهي ٿي ۽ اڄ صبح کيس گرفتار ڪيو ويو۔ پوليس موجب حمله آور گولڙه کانڪچهرِي تائين آن لائن بائيڪ سروس استعمال ڪئي ۽ سفر دوران منهن تي ماسڪ پاتو هو۔هن خودڪش ڌماڪي ۾ 12 ڄڻا شهيد ۽ 27 زخمي ٿيا، جيڪي اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن۔ تفتیش جي سلسلي ۾ راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي مختلف علائقن مان 5 مشڪوڪ ڄڻن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي۔پوليس حراست هيٺ مشڪوڪ ڄڻن کان الڳ الڳ هنڌن تي تفتیش ڪري رهي آهي ته معلوم ڪري سگهجي ته ڪهڙو سهولتڪار حمله آور جي مدد ڪيئن ڪئي۔

پنھنجي راءِ لکو