سکر ۾ ڊسٽرڪٽ بار سکر جي جانبان 27هين آئيني ترميم خلاف هڪ اهم ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ وڪيلن شرڪت ڪئي ۽ ترميم کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو۔ وڪيل اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وڪيل هميشه جمهوريت ۽ قانون جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا آهن، جڏهنته هي نيون ترميمون بدنيني تي مبني آهن؛ ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ اعلان ڪيو ته سڄي سنڌ ۾ هڪ هفتي لاءِ عدالتن جو بائیکاٽ ڪيو ويندو ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته 26هين ۽ 27هين ترميم کي فل ڪورٽ ۾ ٻڌيو وڃي، جڏهنته جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جا استعيفا واپس وٺي، انهن کي فل ڪورٽ بينچ ۾ شامل ڪيو وڃي۔ ڪنوينشن دوران الزام لڳايو ويو ته ڪجهه ماڻهن کي بدنظمي لاءِ موڪليو ويو، پر وڪيلن صورتحال کي قابو ۾ آڻي ورتو ۽ اعلان ڪيو ته هو هر فورم تي آئين ۽ عدليه جي حفاظت لاءِ آواز بلند ڪندا رهندا۔
