ڌابيجي پمپنِگ اسٽيشن تي بجلي جي بريڪ ڊائون سبب ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي۔ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن موجب ڪي-اليڪٽرڪ ڌابيجي پمپنِگ اسٽيشن جي سيڪنڊ فيز ۾ بريڪ ڊائون ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ لائن نمبر 5 متاثر ۽ فيز 2 جا پمپس بند ٿي ويا۔ترجمان ڪارپوريشن مطابق پمپن جي بندش ۽ لائين متاثر ٿيڻ سبب ڪراچي کي 100 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ ٿي سگهي ٿي۔ متاثر لائين جي مرمت هنگامي بنيادن تي جاري آهي۔ياد رهي ته 14 نومبر تي به ڌابيجي پمپنِگ اسٽيشن تي بجلي جي بريڪ ڊائون سبب شهر کي 40 ملين گيلن پاڻي جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پيو هو۔ترجمان ٻڌايو هو ته بريڪ ڊائون جو سبب ڪيبل فالٽ هو، جنهن ڪري ڪي-ٿري پمپ هائوس جا ٻه اهم پمپس بند ٿي ويا هئا۔هن چيو ته 14 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪي-اليڪٽرڪ فالٽ دور نه ڪري سگهيو هو، جڏهنته ڪمپني جلد مرمت جي به يقين دهاني ڪرائي هئي۔حڪام مطابق هو ڪي-اليڪٽرڪ سان مسلسل رابطي ۾ آهن ۽ بجلي بحال ٿيندي ئي ڌابيجي پمپنِگ اسٽيشن جو نظام معمول مطابق هلڻ لڳندو، جنهن سان پاڻي جي فراهمي تدريجي طور بهتر ٿيندي۔