ميڪسيڪو ۾ جرمن مخالف بيباڪ ميئر جي قتل کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ جين زي طرز جا شديد احتجاج شروع ٿي ويا آهن، ۽ 50 کان وڌيڪ شهرن ۾ نوجوانن عدم تحفظ، بدعنواني ۽ وڌندڙ لا قانونيت خلاف ريليون ڪڍيون.ريپورٽن مطابق جين زي سان لاڳاپيل هزارين ماڻهو ميڪسيڪو سٽي ۾ صدارتي محل اڳيان گڏ ٿيا، جتي مظاهرين سيڪيورٽي رڪاوٽون هٽي ڇڏيون ۽ حڪومت خلاف نعرا هنيا. ان دوران پوليس ۽ مظاهرين ۾ سخت جهيڙا ٿيا، پوليس آنسو گيس جو استعمال ڪيو جڏهن ته مظاهرين پٿراؤ ڪيو، علائقو ڪجهه وقت لاءِ جنگ جو ميدان بڻيل رهيو۔ميڪسيڪو سٽي اختيارين موجب جهيڙن ۾ 100 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا جن مان 40 کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته 20 شهري به زخمي ٿيا. پوليس 20 مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو۔هي احتجاج ان وقت وڌي ويو جڏهن 1 نومبر تي ميچواڪن رياست جي شهر يوروپان جي ميئر ڪارلوس مينزو کي عوامي تقريب دوران گولي هڻي قتل ڪيو ويو، جنهن ملڪ ۾ وڏي غم ۽ غصي کي جنم ڏنو۔ڪجهه مظاهرين صدر شن بام جي پارٽي خلاف نعرا هنيا، ۽ چيو: “ڪارلوس مريو ناهي، کيس حڪومت ماريو آهي۔”’’جينريشن زيميڪسيڪو گروپ پنهنجي سوشل ميڊيا منشور ۾ چيو آهي ته هو غير جانبدار آهي ۽ انهن نوجوانن جي نمائندگي ڪري ٿو جيڪي تشدد، ڪرپشن ۽ اختيار جي غلط استعمال کان تنگ اچي چڪا آهن۔ياد رهي ته جين زي 1997 کان 2012 تائين پيدا ٿيل نسل کي چيو ويندو آهي، ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ تبديلي جي علامت طور هي نالو استعمال ڪيو پيو وڃي۔