سعودي عرب حج 2026 لاءِ طبي شرطون انتهائي سخت ڪري ڇڏيون آهن، جنهن سبب ڪيترائي بيمار فرد حج ادا نه ڪري سگهندا۔پاڪستان جي وزارت مذهبي معاملن مطابق سعودي وزارت صحت نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جن تحت مختلف بيمارين ۾ مبتلا عازمين تي حج 2026 جي پابندي لڳائي وئي آهي۔اهم نقطا:ڳِرن جا مريض ۽ ڊائليسس ڪرائيندڙ عازم حج لاءِ اهل نه هوندا۔ڦڦڙن ۽ جگر جي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي۔بيمار عازمين کي سعودي عرب مان واپس موڪليو ويندو ۽ خرچ به پاڻ برداشت ڪرڻا پوندا۔غلط فٽنس سرٽيفڪيٽ جاري ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي۔شدید عصبي بيماريون، نفسياتي مسئلا، ڪمزور يادداشت ۽ ٻين سنگين بيمارين وارا ماڻهو حج نه ڪري سگهندا۔حامله عورتون، ڪاري کنگهه، تپ دق، وائرل هيملرج بخار ۽ ڪينسر جا مريض پڻ حج کان محروم رهندا۔ٻيا اهم قدم:حج روانگي کان اڳ ميڊيڪل آفيسر ڪنهن به بيمار عازم کي روڪي سگهي ٿو۔سعودي ٽيمون هر عازم جي فٽنس سرٽيفڪيٽ جي تصديق ڪنديون۔وزارت مذهبي معاملن جي هدايت آهي ته صرف اهي فرد حج تي روانا ٿين جن جي بنيادي صحت مقرر معيار تي پوري لهي ٿي۔
