وفاقي آئيني عدالت جا ٻه وڌيڪ جج حلف بردار

اسلام آباد ۾ وفاقي آئيني عدالت جي ٻه نون ججن حلف کڻي ورتو، جن کان حلف چيف جسٽس امين الدين خان وٺي وڌو تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ حلف برداري جي تقريب ٿي، جنهن ۾ جسٹس روزي خان ۽ جسٹس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه پنهنجن عهدن جو حلف کنيو۔تقريب ۾ آئيني عدالت جا جج، لا آفيسر ۽ عدالتي عملو موجود هو۔ شرڪت ڪندڙ ججن ۾ جسٹس حسن اظهر رضوي، جسٹس عامر فاروق، جسٹس علي باقر نجفي ۽ جسٹس ڪي ڪي آغا شامل هئا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگرسميت جسٹس ارباب طاهر، جسٹس خادم حسين سومرو، جسٹس محمد آصف جسٹس محمد اعظم خان ۽ جسٹس انعام امين منهاس پڻ تقريب ۾ موجود هئا۔ان کان اڳ چيف جسٽس امين الدين خان ايون صدر ۾ صدر آصف علي زرداري کان پاڻ حلف کنيو هو۔چيف جسٽس سميت وفاقي آئيني عدالت جا ست جج پنهنجن عهدن جو حلف کڻي چڪا آهن، جڏهن ته عدالت فعال ٿيڻ کان پوءِ حلف برداري جو عمل تيزيءَ سان مڪمل ٿي رهيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو