وزيراعظم شهباز شريف اڄ ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن جي اپ گريڊيشن منصوبي جو افتتاح ڪندا

وزيراعظم شهباز شريف مختصر دوري تي ڪراچي پهچي ويا، جتي وزیراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين آفيسرن انهن جو استقبال ڪيو۔دوري دوران وزيراعظم ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن جي اپگريڊيشن منصوبي جو افتتاح ڪندا، جتي هو اسٽيشن جو دورو ڪري اپ گريڊيشن ڪمن جو جائزو وٺندا ۽ نئين ويٽنگ روم جو افتتاح به ڪندا۔وفاقي وزير ريليويز حنيف عباسي وزيراعظم کي ڪينٽ اسٽيشن تي فراهم ڪيل جديد سهولتن بابت آگاهه ڪندو۔ريلوَي اختيارين اسٽيشن جي تزئين و آرائش لاءِ ڪيل انتظامن کي مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾:جديد CIP لاونجمسافرن لاءِ ٻه نيون انتظار گاهونايگزيڪٽو واش رومفوري ٽڪيٽ لاءِ مشيننيون CTM مشينوننصب ڪيون ويون آهن۔تاريخي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن کي جديد سهولتن سان هڪ جديد ٽريول هب ۾ تبديل ڪيو ويو آهي۔سنڌ سولڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ اسٽيشن ۽ ويجهڙائي وارن ٽريڪسن تي 24/7 صفائي جو انتظام مقرر ڪيو آهي۔اسٽيشن جي خوبصورتي وڌائڻ لاءِ يڪا سان اسٽالز متعارف ڪرايا ويا آهن ۽ مسافرن لاءِ جديد اعلانيه نظام به لڳايو ويو آهي۔سنڌ حڪومت ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن جي عمارت کي محفوظ ورثو قرار ڏنو آهي ته جيئن ان جي تاريخي اهميت برقرار رهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ان کي محفوظ رکيو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو