ڪوئيٽا ۾ سياري سان گڏ گئس غائب، شهري ڪاٺيون ساڙڻ تي مجبور

وچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ سياري جي شدت وڌندي ئي گئس ناياب ٿي وئي آهي، جنهن سبب شهري گھرن ۾ کاڌو پچائڻ لاءِ ڪاٺيون ساڙڻ تي مجبور ٿي ويا آهن۔تفصيل موجب ڪوئيٽا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گئس بحران شديد ٿي ويو آهي، ڪيترن هنڌن تي گئس مڪمل بند آهي جڏهن⁠ته ڪي علائقا جزوي متاثر آهن۔گئس نه هجڻ سبب شهري کاڌو پچائڻ ۽ پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ ڪاٺيون ۽ ايل پي جي استعمال ڪري رهيا آهن۔سرياب، قمبراني روڊ، مشرقي باءِ پاس، پشتون آباد ۽ نواں ڪلي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ساڳي صورتحال آهي۔ شهري شڪايت ڪن ٿا ته گئس بند هجڻ سبب ٻار ۽ بزرگ ٿڌ ۾ بيمار ٿي رهيا آهن، جڏهن⁠ته ڪاٺيون ۽ ايل پي جي جون قيمتون پڻ آسمان سان ڳالهائي رهيون آهن۔ضلعي ڪچهي جي علائقي مڇ ۾ ڇنڇر ڏينهن 18 انچ قطر جي سوئي گئس پائپ لائين ڦاٽڻ سبب زيارت، پشين، مستونگ ۽ قلعه ڏانهن گئس جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي۔حڪامن موجب مرمتي ڪم جاري آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته گئس سومر جي شام تائين بحال ٿي ويندي۔شهري مطالبو ڪن ٿا ته گئس لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ۽ پريشر بهتر بڻايو وڃي ته جيئن سياري ۾ مسئلا گهٽجي سگهن۔

پنھنجي راءِ لکو