بنگلاديش جي عدالت اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي هڪ ٻي ڪيس ۾ سزائے موت ۽ سڄي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي۔روئيٽرز موجب بنگلاديش جي انٽرنيشنل ڪرائم ٽربيونل سومر ڏينهن شيخ حسينه کي انسانيت خلاف ڏوهن ۾ مجرم قرار ڏنو۔ هي مقدمو ڪيترن مهينن تائين هليو، جنهن ۾ عدالت چيو ته شيخ حسينه گذريل سال شاگردن جي بغاوت کي دٻائڻ لاءِ خوني ڪراچي ڊائون جو حڪم ڏنو هو۔عدالت مطابق هڪ ليڪ ٿيل فون ڪال ۾ شيخ حسينه شاگردن کي قتل ڪرڻ جا حڪم ڏئي رهي هئي۔ عدالت وڌيڪ چيو ته شاگردن جا مطالبا ٻڌڻ بدران هن فسادات وڌايا ۽ تحريڪ کي طاقت ذريعي ختم ڪرڻ لاءِ توهين آميز قدم کنيا۔فيصلي دوران دارالحڪومت ڍاڪا ۾ سوين ماڻهو احتجاج لاءِ گڏ ٿيا۔ ڍاڪا ٽربيون موجب شهر ۾ غير معمولي سُناٽو ڇانيل هو، جنهن جو سبب عوامي ليگ پاران شٽ ڊائون هڙتال جي اپيل ٻڌايو پيو وڃي۔تھنهن وقت ڪيس جا 3 شريڪ جوابدارن مان صرف هڪ، اڳوڻو آءِ جي چوڌري عبدالله المامون عدالت ۾ موجود هو، جنهن گذريل سال بغاوت ۾ ڪردار تي ڏوهه قبول ڪيو هو ۽ رياست جو گواهه بڻيو هو۔جڏهنته اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد ۽ اڳوڻو گهرو وزير اسدالزماں خان ڪمال ٻنهي جو ڳٿ پتو ناهي۔
