ڊيفنس فیز 5 جي هڪ رھائشي عمارت مان 17 ورهين جي نوبياهه دلھن جي ڦاهي لڳل لاش ملي آهي، جنهن بعد پوليس واقعي جي تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي۔پوليس موجب فوتيہ جي سڃاڻپ زينب نالي نوجوان عورت طور ٿي آهي، جنهن جو اصل تعلق سيالڪوٽ سان آهي ۽ کيس شادي کي صرف هڪ مهينو ٿيو هو۔پوليس ٻڌايو ته زينب ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي مڙس جي خالھ وٽ آئي هئي، جيڪي عمارت جي چوٿين ماڙ تي رهائش پذير آهن۔متوفیہ جي لاش عمارت جي ڇت تان ملي، جتي سندس ڳچيءَ ۾ دوبٽي جو ڦاهو ٻڌل هو۔ واقعي جي وقت سندس مڙس گهر ۾ موجود نه هو۔ايس ايس پي ساوٿ موجب لاش کي ضابطي جي ڪارروائي بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتيپوسٽ مارٽم اڄ ڪيو ويندو۔ رپورٽ جي بنياد تي موت جو حتمي سبب طئي ڪيو ويندو ۽ پوءِ ڪيس داخل ڪيو ويندو۔پوليس ٻڌايو ته فوتيہ جي مڙس جو تعلق حساس اداري سان آهي، جڏهنته واقعي بابت مڙس جي خالھ ۽ ڪزن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن ۽ انهن جي تصديق جو عمل جاري آهي۔ايس ايس پي ساوٿ جو چوڻ آهي ته واقعي کي خودڪشي سمجهڻ يا قتل قرار ڏيڻ لاءِ هن وقت ڪجهه به چئڻ قبل از وقت آهيحتمي حقيقتون جاچ مڪمل ٿيڻ بعد سامهون اينديون
