اسلام آباد ملڪ ۾ ايل پي جي گيس جي ناجائز منافع خوري تي اوگرا سرگرم ٿي ويو آهي ۽ سڀني ايل پي جي مارڪيٽنگ ڪمپنين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن۔ڪمپنين کي اوگرا جي مقرر ٿيل نرخن تي ايل پي جي وڪڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔ڪمپنين کي پنهنجن ايل پي جي پلانٽس ۽ ذيلي انتظام هيٺ علائقن ۾ مقرر نرخن تي ايل پي جي وڪڻڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي۔سيلز انوائسز ۽ پلانٽس تي سلنڊر جي قيمت فروخت لکڻ لازمي آهي۔اوگرا مطابق نومبر لاءِ ايل پي جي سلنڊر جي قيمت 2,378 روپيا مقرر ڪئي وئي آهي۔ذرائع موجب ڪجهه ايل پي جي ڪمپنيون في سلنڊر 3,000 روپيا هڪسپلانٽ ريٽ وصول ڪري رهيون آهن، جنهن سبب ناجائز منافع خوري ٿي رهي آهي۔اوگرا چيو آهي ته حڪمن جي خلاف ورزي جي صورت ۾ لائسنس معطلي سميت سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔ناجائز منافع خوري تي جاچ ۽ ڪارروائي جاري آهي۔
