پاڪستان ۾ سون جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي في توله 7 هزار رپيا سستو

سون جي في توله قيمت هڪ ڏينهن لاءِ مستحڪم رهڻ بعد اڄ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔پاڪستان ۾ في توله سون جي قيمت 7,000 رپيا گهٽجي 4,23,662 رپيا ٿي وئي۔10 گرام سون جي قيمت 6,002 رپيا گهٽجي 3,63,221 رپيا ٿي وئي۔عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 70 ڊالر گهٽجي 4,013 ڊالر ٿي وئي۔سون کي روايتي طور محفوظ سرمائوڪاري سمجهيو ويندو آهي۔افراط زر، سياسي ۽ معاشي اڻبرابر وقت ۾ سون جي قيمت وڌي ويندي آهي۔پاڪستان ۾ گذريل سال سون جي قيمت مقرر ڪرڻ جو طريقو تبديل ڪيو ويو، جنهن تحت قيمت انٽرنيشنل مارڪيٽ ريٽ کان 20 ڊالر في اونس وڌيڪ مقرر ڪئي وئي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو