آمريڪي ڪمپني پاڪستان ۾ معدنيات جي شعبه ۾ 500 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو

ڪراچي پاڪستاني منرلز ڪمپني ۽ هڪ آمريڪي ڪمپني جي وچ ۾ زيرِ زمين معدنيات ۽ قيمتي ڌاتن جي شعبه ۾ تعاون لاءِ مفاهمت نامي (MOU) تي دستخط ڪيا ويا، جيڪا تقريب فيڊريشن هائوس هيڊ آفيس، ڪراچي ۾ منعقد ٿي۔آمريڪي ڪمپني پاڪستان ۾ 500 ملين ڊالر سيڙپڪاري ڪندي، جيڪا معدنيات جي شعبه لاءِ وڏي پيش رفت آهي۔آمريڪي ڪمپني جي سي اي او ڪرسٽوفر گيرسٽين چيو ته اهي 30 سالن کان معدنيات جي شعبه سان وابسته آهن ۽ پاڪستان جا موقعا انهن لاءِ خاص اهميت رکن ٿا۔معاهدي تحت پاڪستاني نوجوانن کي آمريڪا موڪليمعدنيات جي شعبه ۾ خاص تربيت فراهم ڪئي ويندي، جنهن سان ملڪ جي افرادي قوت کي جديد مهارتون ملنديون۔ملڪ ۾ موجود قيمتي ڌاتيون جلد آمريڪا برآمد ڪيون وينديون، جنهن سان برآمدات ۾ واڌارو متوقع آهي۔معاهدو پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ معاشي سرگرمين ۾ مثبت اضافو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو۔

پنھنجي راءِ لکو