ڪوئيٽا کان اسلام آباد ٽڪيٽ 75 هزار کان وڌي وئي وڏي وزير سرفراز بگٽي جو هوائي ڪرائي گهٽائڻ جو مطالبو

ڪوئيٽا کان اسلام آباد فضائي سفر جو ڪرایو 75 هزار رپين کان به وڌي ويو آهي، جنهن تي وڏي وزير بلوچستان سرفراز بگٽي ٽڪيٽون سستيون ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي۔

تفصيل موجب بلوچستان اسيمبلي ۾ فضائي ڪراين ۾ غيرمعمولي واڌ بابت قرارداد پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ شهري جي تڪليفن ۽ ايئرلائنز جي ناقص خدمتن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي۔صوبائي اسيمبلي جي ميمبر شاهده رؤف چيو ته سهولتون بهتر ڪرڻ بجاءِ ڪرايا وڌايا ويا آهن۔ ڪوئيٽا کان اسلام آباد لاءِ ٽڪيٽ 75 هزار رپيا تائين پهچي وئي آهي، جڏهن⁠تہ ڪراچي کان اسلام آباد ٽڪيٽ رڳو 15 کان 20 هزار رپيا آهي۔هن وڌيڪ چيو ته ايمرجنسي ۾ سفر ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي، ڇو⁠تہ ٽڪيٽون ملندڙ ئي ناهن، ۽ ڪوئيٽا کان صرف PIA ۽ هڪ نجي ايئرلائن جون اڏامون هلن پيون۔ٻئي طرف ميمبر اسيمبلي برڪت علي رند ٻڌايو ته هن ٽن ماڻهن لاءِ ڪوئيٽا کان ڪراچي سفر تي 2 لک 10 هزار رپيا ادا ڪيا۔ هن مطالبو ڪيو ته تربت لاءِ هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ فلائيٽ هلائي وڃي ۽ ايئرلائنز جي آفيسرن کي سڏائي وضاحت ورتي وڃي۔وڏي وزير سرفراز بگٽي اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت فوري طور هي مسئلو حل ڪري ۽ فضائي ڪرايا گهٽائي، نه⁠ته عوام ۾ شديد بيچيني وڌي رهي آهي ۽ معاملو امن امان جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔هن چيو ته جيڪڏهن وفاقي ادارن جو رويو غيرسنجيده رهيو ته سرڪار 16 MPO تحت ايئرلائنز جي ريجنل هيڊ کي گرفتار به ڪري سگهي ٿي۔ سرفراز بگٽي سڀني پارلياماني اڳواڻن کي گڏجي وزيراعظم سان ملاقات ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني۔

پنھنجي راءِ لکو