طورخم سرحد جي بندش سبب افغانستان کي هڪ مهيني ۾ 45 ملين ڊالر جو وڏو نقصان

اسلام آباد: وفاقي حڪومت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته طورخم سرحد جي بندش سبب صرف هڪ مهيني دوران افغانستان کي لڳ ڀڳ 45 ملين ڊالر جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو، جڏهن ته افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي نالي تي اسمگلنگ سبب پاڪستان کي هر سال 3 کرب 42 ارب روپين جو نقصان ٿيندو رهيو آهي۔ذريعن موجب افغانستان سان واپاري بندش جو عام پاڪستاني جي زندگيءَ تي گهڻو اثر نه پيو، ڇو ته پاڪستان طرفان 11 آڪٽوبر 2025 تي سرحد بند ڪرڻ جو مقصد ڪنهن ردعمل تحت نه پر واپاري نظام کي شفاف بڻائڻ هو. ان تحت اهي سڀ رستا بند ڪيا ويا جتان اسمگلنگ، منشيات، غيرقانوني هٿيار ۽ دهشتگردي جون سرگرميون وڌي رهيون هيون۔سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانستان جو 70 کان 80 سيڪڙو واپار پاڪستان جي روڊن ۽ بندرگاهن تي دارومدار رکي ٿو. ڪراچي رستي سامان افغانستان ۾ 3 کان 4 ڏينهن ۾ پهچي ويندو آهي، جڏهن ته ايران جي رستي اهو وقت 6 کان 8 ڏينهن تائين پهچي ويندو آهي۔ وچ ايشيائي ملڪن جي رستن وسيلي ته واپاري سامان کي 30 ڏينهن کان وڌيڪ وقت لڳي ٿو۔حقيقتن موجب افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي نالي تي پاڪستان اندر وڏي پيماني تي اسمگلنگ ٿيندي رهي، جنهن سان ملڪ کي هر سال 3.4 کرب روپين جو وڏو مالي ڌڪ لڳندو هو، جڏهن ته تقريبن 1 کرب روپين جو سامان افغان ٽرانزٽ جي نالي تي واپس پاڪستان ۾ آندو ويندو هو، جيڪو وڌيڪ نقصان جو سبب بڻبو هو۔طورخم بارڊر جي بندش سبب هڪ مهيني ۾ افغانستان کي 45 ملين ڊالر جو نقصان ٿيو، جڏهن ته ڪجهه هفتن جي اندر سڀني سرحدن جي گڏيل بندش سبب افغان معيشت کي 200 ملين ڊالر کان وڌيڪ نقصان برداشت ڪرڻو پيو۔ رپورٽن مطابق 5 هزار کان وڌيڪ ٽرڪون سرحد تي ڦاٿل آهن۔ان کان علاوه، افغانستان جي زرعي پيداوار ۽ فروٽ جو وڏو حصو پاڪستان جي مارڪيٽن ۾ اچڻ لاءِ تيار بيٺو هو، پر سرحد بند ٿيڻ سبب يا ته اهي فصل خراب ٿي ويا يا وري افغان مارڪيٽن ۾ گهٽ قيمت تي وڪرو ڪرڻا پيا، جنهن سان افغان ڪاشتڪارن کي به وڏو خسارو برداشت ڪرڻو پيو۔

پنھنجي راءِ لکو