پي ٽي آءِ ۽ پاڪستان دشمن عنصر هڪ ئي صفحي تي آهن احسن اقبال

وفاقي وزير منصوبابندي احسن اقبال چيو آهي ته موجوده سياسي حالتن ۾ پي ٽي آءِ جي سياست ۽ پاڪستان دشمن عنصر هڪ ئي پيڊ تي نظر اچن ٿا. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي سخت ترين مارشلائن جو مقابلو ڪيو، جڏهن ته عمران خان جي دور حڪومت ۾ وڌيڪ جبر برداشت ڪيو ويو، جھوٺا ڪيس بڻايا ويا، اڳواڻ جيلن ۾ موڪليا ويا ۽ ميڊيا تي پابنديون لڳايون ويون، پر ان باوجود سياسي جنگ هميشه رياستي حدن اندر رهي ڪري وڙهي وئي.احسن اقبال چيو ته اڄ تائين ڪنهن به سياسي جماعت ملڪ کان ٻاهر وڃي پاڪستان خلاف پروپيگنڊا نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن پاڪستان کي عالمي عدالتن ۾ ڪٽهري ۾ بيهاريو. هن الزام هنيو ته پي ٽي آءِ جا ڪيترائي سياسي مقصد ڀارت سان ملي وڃن ٿا، ڇو⁠تہ جيڪڏهن آءِ ايم ايف پروگرام اڳتي وڌي ٿو ته پي ٽي آءِ ۽ ڀارت ٻنهي کي تڪليف ٿيندي آهي، پاڪستان آمريڪا سان بهتر لاڳاپا بڻائي ته به ان جو ڏک انهن کي ٿيندو آهي.وفاقي وزير چيو ته شهيدن جي يادگار جي بيحرمتي ۽ فوجي ڇاؤنين تي حملا ڪرڻ ڪهڙي سياسي سجاڳي جي نشاني آهي؟ پي ٽي آءِ نفرت جي سياست ۾ سڀ حدون اورانگهي چڪي آهي. هن ٻڌايو ته آمريڪا ۾ ڀارت نواز ۽ اسرائيل نواز لابين ذريعي پاڪستان خلاف قرارداد منظور ڪرائي وئي.احسن اقبال وڌيڪ چيو ته خيبر پختونخوا حڪومت پنهنجي ذميوارين کان منهن موڙي سياسي بيانيي پويان لڪي رهي آهي. وزيراعظم سهيل آفريدي کي گهرجي ته دهشتگردي ڪنٽرول ڪن پر صوبو دهشتگردن جي حوالي ڪري اڊياله جيل ۾ سياسي ڊرامو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ پنهنجين ناڪامين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪڏهن عمران خان جو نالو، ڪڏهن بيانيه ۽ ڪڏهن لانگ مارچ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هري پور جي ضمني چونڊون ثبوت آهن ته عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو