اسلام آباد ذريعن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) پنجاب حڪومت سان گڏجي هلڻ لاءِ باقاعدي حامي ڀري ڇڏي آهي۔ پنجاب حڪومت طرفان سياسي اسپيس ڏيڻ جي آفر پيپلز پارٽي قبول ڪري ورتي آهي، جنهن جي منظوري پي پي قيادت پڻ ڏئي ڇڏي آهي۔پارٽي ذريعن موجب پيپلز پارٽي پنهنجي فيصلي کان پنجاب حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي۔ پي پي طرفان پنجاب حڪومت کي مختلف بورڊز ۽ ڪميٽين لاءِ نالا موڪليا ويا آهن، جڏهن ته لا آفيسرن جي نامزدگين جي لسٽ پڻ رواني ڪئي وئي آهي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته هاڻي پيپلز پارٽي پنجاب حڪومت جي ماتحت هلندڙ بورڊز ۽ ڪميٽين ۾ نمائندگي حاصل ڪندي، ۽ پيپلز پارٽي پاران نامزد ڪيل وڪيل پنجاب ۾ لا آفيسر طور ڪم ڪندا۔واضح رهي ته پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب طرفان پيپلز پارٽي سان رابطو ڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ ڳالهه چيتون اڳتي وڌيون ۽ تعاون تي اتفاق ٿيو۔
