ڪراچي لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون جي گارمنٽس فئڪٽري ۾ لڳل شديد باهه تي 19 ڪلاڪ گذرڻ باوجود به مڪمل طور تي ڪنٽرول حاصل نه ڪري سگهيو آهي.تفصيل موجب گذريل ڏينهن فئڪٽري ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي هئي جيڪا تمام گهڻي شدت اختيار ڪري وئي. باهه لڳڻ کان پوءِ 19 ڪلاڪ گذرڻ باوجود به فائر بريگيڊ جا دستا ۽ درجنين گاڏيون باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن.فائر آفيسرن مطابق باهه جي ڪري فئڪٽري جون ٽي منزلون مڪمل طور تي ڪري پيون آهن. عمارت جي تباهي سبب شعلن جي شدت ۾ ڪجهه گهٽتائي ضرور آئي آهي، پر فئڪٽري ۾ وڏين مقدار ۾ ڪپڙو موجود هئڻ سبب شعلن ۾ وقفن سان ٻيهر تيزي اچي رهي آهي.چيـف فائر آفيسر ٻڌايو ته باهه جو واقعو گذريل شام 3 وڳي کانپوءِ رپورٽ ٿيو، جنهن کي شديد نوعيت جو قرار ڏنو ويو. ان ڪري فوري طور اسنارڪل ۽ ڪيترائي فائر ٽينڊر موڪليا ويا.فائر آفيسر محمد معراج موجب باهه کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو ويو آهي، پر مڪمل طور تي وسائڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو.حڪام جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هن سال لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ آتشزدگي جو هي ڇهون واقعو آهي، جڏهنته زون ۾ فائر سيفٽي جا انتظام نهايت گهٽ آهن، جنهن سبب اهڙن واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
